شاعري

 

غزل

 ــــــــــ عيني سنڌو

 

پنهنجو مقدر چوان،
 يا تنهنجي خودغرضي چوان
يا وري تنهنجي بي حسي چوان
تون جا صرف ڪرين ٿي تمنا،
پنهنجي خواهشن جي،
تون جو سوچين ٿي فقط،
پنهنجي جذبن کي،
تون جا آهين متلاشي،
فقط پنهنجي ارمانن جي.
نه تو کي احساس آ منهنجي چاهت جو،
ناهي تو کي قدر منهنجي جذبن جو،
تون ته پياسي آن فقط پنهنجي چاهت جي.
مان ڊڄان ٿي تو کي
منهنجي ٽٽل خوابن جا ٽڪرا،
زخمي نه ڪري وجهن
منهنجي چاهت جو قتل،
تنهنجي زندگي ۾،
بي سڪوني نه پيدا ڪري وجهي.
منهنجي اکين ۾ آيل سمنڊ جون ڇوليون،
ڪٿي تو کي لوڙهي نه وجهن.
پر پوءِ به مان تنهنجي خودغرضي کي
تنهنجي بي حسي کي
پنهنجو مقدر چوان ٿي،
پنهنجو نصيب چوان ٿي. . .


استاد بخاري


پڙهو گھمايو، خزان تڙايو، اسين اٿون پيا بهار بنجي،
گھٽي گھٽي گونججي وئي آ، پکي پکي ويو پڪار بنجي.

هوا ۾ ڳاڙهي گلاب جي بوءِ سڄي، کٻي کان اچي رهي آ،

نظر نظر ۾ نچي رهي آ، خوشي خوشيءَ جو نکار بنجي.

ڪچو، پو سڀ ملير ٿي ويو، ننڍي وڏي ٿي وئي ماروي،
چَڙي چڙي ٿي ٻُري هِنئين ۾ جئي جئي جي تنوار بنجي.

ٻَني ٻَني تي ٻٻر لڳي ويا، ڪَسي ڪسي تي قدم کپي ويا،
سَلي سلي تي صفا ڄمي ويا، جوان جوان نثار بنجي.

ڪنول، هزارو، عقيق ٽهڪيو، رتن، چنبيلي، گلاب مَهڪيو،
عشاق آڏو حسين سامهون، قطار تي وئي قطار بنجي.

ڪڻِي ڪڻِي ٿي ڪٺي بخاري، ڦُڙو ڦڙو ٿو سمونڊ ڇڇڪي،
ڪڻو ڪڻو ويو خرار بنجي ڄڻو ڄڻو ويا هزار بنجي.


استاد بخاري


لڄ مران

سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران،
مِهڻن منجھ ڄمار، جئيندي لڄ مران.

ساگر آڳ لڳايان، ڏونگر ڏوهه ڏڪايان،
بلڪل شير ببر ٿي، مڇري گوڙ مچايان.
                               زالن وارا پَار،
                                                   ڪڍندي لڄ مران.

ڳاڙها ڳڀرو اڀريا، جذبا ٽَڪَرَ ٻري پيا،
زورن ظلمن وارا، ڪوڙا ڪڪر وسي پيا.
                                                          قيدي ڪنڌ هزار،
                                                          گھمندي لڄ مران.

قومي جلسن ۾ ڪي رتورت گيت گجن ٿا،
رتورت گيتن ۾ ڪئي لَت پت لفظ لڇن ٿا.
                                                        پهچو پهچو پڪار،
                                                     نچندي لڄ مران.

شهرن منجھ وِهانءُ، مانيون، ٻوڙ، پلاءُ ها،
اوبر ڍير گھٽين ۾، کائن ڪانگ، ڪُتا پيا.
                                                               ڏهرن منجھ ڏڪار،
                                                         رڄندي لڄ مران.

مان جو ڪوسو جھولو، گذران ريت تتيءَ تان،
پڄري پڄري آخر، تنهنجي در تي پهچان.
                                                            توسان بوءِ بهار،
                                                             ملندي لڄ مران.

توکي ڪئين ٻڌايان، نغما منهنجا نالا،
سوچون منهنجون شعلا، جملا جھڙا ڀالا،
                                                                پپٽ پر تي بار،
                                                               رکندي لڄ مران.

جاني جلدي جلدي، جھٽ ڪر مونکي مِٺي ڏي،
جيئڻ ڪارڻ جيڏي، هوڏي جنگ ڇِتي ڏي.
                                                        ڪوٺن بيٺا يار،
                                                         وِهندي لڄ مران.

موٽي چاهه چمڻ لئي، سرتي آءُ سڪان ٿو،
ڪوٺين بيٺي مِٺڙي، پر مان ڪئين وران ٿو؟
                                            سامهون تير، ترار،
                                          ورندي لڄ مران.

تُهنجي هٿ ۾ ٽاري، ٽاريءَ اندر شعلا،
ماڻهوءَ گھرجي ماني، ۽ تون آڇين گولا.
                                              توڏي او سنسار،
                                                    ڏسندي لڄ مران.

ناگاساڪيءَ وانگر، ٻيا بي شهر ٻري ويا،
شاهد ڪئمپ شتيلا، ماڻهو بُک مري ويا.
                                                              ٻِليون، ڪتيون، ٻارَ،
                                                            ڪُهندي لڄ مران.

ڦُوندا ڦوندا ٿي ويا، جن جي مَن جا نقشا،
پِيلا، نِيلا پڌرا، جن جي مُنهن تا پاڇا،
                                                        تِن کان پيڙ پچار،
                                                    پڇندي لڄ مران.

ڇِپ ڇِپ سيني لايان، ناهيان نهر جبل جي،
وڻ وڻ ڀاڪر پايان، ناهيان واٽ جھنگل جي.
                                                            جنهنکي تنهنکي هارَ،
                                                        وجھندي لڄ مران.

تنهنجي لاءِ جيان ٿو تنهنجي ڪاڻ مران ها،
هي سِرُ گھور ڪريان ها، توتي پوءِ ٺران ها.
                                                        مون تي آهي ميار،
                                                 مرندي لڄ مران.

تو ۾ سرڪش، منشي، باغي، شيخ، بّخاري،
ايڏو انڌ انڌيرو، تو ڇو باهه نه ٻاري،
                                                   توتي دور ميار،
                                                         ڏيندي لڄ مران.

 

اسان جا خواب اڃان ساڀيان رسيا ناهن

احسان دانش

اسان جا خواب اڃان ساڀيان رَسيا ناهن
هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃان هٽيا ناهن

اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن
اڃان بهار جي هوندي به گُلَ ٽِڙيا ناهن

اڃان اندر ۾ اسانجي گھڻي اداسي آ
اڃان سمنڊ جي هر هڪ سِپي پياسي آ

اڃان هزار اميدن جا گل ڪومايل
اڃان آ تڙپ، اڃان ڪيئي روح هن گھايل

اڃان سنڌوءَ جا ڏسو چَپَ ڪيئن سڪل آهن
اڃان هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن

اڃان ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي
اڃان امن جي ڪبوتر تي اکِ آ ٽيڏي

اڃان ڇني ٿو ڪجي ڌار ماءُ کان ابهم
اڃان ٺهي ٿو پيو روز نئون ائٽم بم

اڃان به ڀونءِ تي ماڻهو ڳڀا ڳڀا ٿو ٿئي
اڃان به ظلم ستم ڪيڏو جا بجا ٿو ٿئي

اڃان ڪُسن ٿيون پيون ڪيئي بي گناھ نياڻيون
اڃان رقم ٿيون ٿين روز درد آکاڻيون

اڃان مرن ٿا پيا مِرگھ بيابانن ۾
اڃان آ گونج ٻڌو وقت جي ايوانن ۾

اڃان به ديس جو انصاف آ بيساکين تي
اڃان به موت جو شهباز آهي ڇاتين تي

اڃان به زندگي جي بيک ٿو گھري ماڻهو
اڃان به ٿورڙي ٺوڪر تي ٿو ڀُري ماڻهو

اڃان هوا جو بدن چور آهي زخمن سان
اڃان وفا جي ڳلي پئي جلي ٿي ٽانڊن سان

اڃان ته گيت سڀئي درد جي لباس ۾ هن
اڃان هزارين اکيون آجپي جي آس ۾ هن

اڃان ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي
چوان پوءِ  ڪيئن ’محبّت‘ جي آهي رُتِ آئي

 

غزل

مخدوم طالب المولى     

 

بظاهر جيڪي داناه ها سي ديوانا ٿيا اڻـــــلڀ،

صدا افسوس آهي ديوانائي ۾ دانا ٿيا اڻلڀ.

 

جتي ساقي نگاهن سان، ڪندا پرڪيف ها، پياري،

ڪٿي سي سرزمينون، اڄ هو ميخانا ٿيا اڻـــــلڀ.

 

رڳي ئي فحش گوئي، ۽ رڳي ئي آهي بيهوشي،

هئا جي هوش آور، اڄ سي به مستانا ٿيا اڻــــلڀ.

 

مڃي جن دل سان مستن کي ڪيو ٿي اعتراف اُنِجو،

اهـــــــا اڄ عقلمندي ۽ هــــــــــو فرزانا ٿيـــــا اڻــــــــــــلڀ.

 

وڃائي واٽ ٿو هرڪو، ويهي ماڻهن جي جهنگل ۾،

ضيا جتِ عشق واري هُئي، سي خسخانا ٿيا اڻلڀ.

 

ڪرڻ احســــــان اڄ ڪنهن تي پوڻ آزار ۾ آهي،

مڃڻ کي ڏيو ڇڏي پر صرف شڪرانا ٿيا اڻلڀ.

 

اڃان پيري ۽ مخدومي کي تون چنبڙيو پيو آهين،

چريا هو نـــــيهن وارا جي ها نـــــــــــذرانا ٿيا اڻلڀ.

 

رڳو تاب ۽ عتاب آهي، رڳو خوف ۽ حراس آهي،

اڳوڻا هــــــــــــمنوا ۽ شــــــــان شاهـــــــــــانا ٿيا اڻلڀ.

 

سياست آهي ڪاهي پئي اڄوڪي عشق بازي ۾،

اچي خود مــــطلبي ويئي، جوشِ جانان ٿيا اڻلڀ.

 

فقط اڄ شمع ٿي روئي رڙي اي طالب الموليٰ،

ڏِيَن جي سر اچي  هڪدم سي پروانا ٿيا اڻلڀ.

 




شاعر نامعلوم

اچ ويل پيار
ٻيهر ورايون ٻئي
ڪا اداسي کڻي شام ٿي موڪلائي،
۽ ڇاتي تي آڪاش ستارا سجائي،
اجهو چنڊ ٻيهر ٿيو نروار آهي،
مگر درد پنهنجو ٿو هر ڪو لڪائي،
خبر ٿئي پرين ڇا سبب آهي ان جو؟
جو ويل شام ايڏي اداسي کڻي وئي،
ستارا نه اڀريا انهي تاب سان،
جيڪا هر روز هئي سونهن آڪاش جي،
اڄ اها روشني ناهي مهتاب جي،
چنڊ چوڏهين جو هوندي به بي نور آ،
۽ ڇو خاموش گُم سُم رهي ٿي صبا،
ڇو نظارن ۾ شوخي اڳوڻي نه آ،
مگر تون ڇا ڄاڻين اي نادان مورت،
تنهنجون سوچون ته تو تائين محدود آهن.
احساسن کان معذور منهنجا پرين،
دل ۾ ٻئي لا سوچڻ جي عادت ته وجهه.
اچ ته توکي ٻڌايان حقيقت اُها!
ڇو نظارا ٿا اوجهل لڳن اڄ پرين،
ڇو چنڊ تارا اسان کان رُٺل ٿا رهن،
سڀ هي دنيا جي ظلمت کان ناراض آهن،
۽ محبت جي ويرين کان ڪاوڙ پيا ڪن،
بند ڪمرن ۾ بند ٿيل اڄوڪو هي جيون،
چنڊ روشن ڪري ڪئين ۽ ڪنهن جي ڪري
ڪتيون مرڪي ملن ڇو ۽ ڇا جي ڪري
ڪو موڪلائي نٿو پيار سان شام کان
صبا کي ته اڄ به ٿيون يادون ستائن،
پريمين جي ٻولين سان مصروف راتيون
هوا جي ڪنن ۾ ڪو آواز ٿيون ڪن
هي دنيا مان ويندڙ محبت ڏسي،
سڀ نظارا اسان کان رٺل ٿا رهن.
اچ ته جذبا ۽ احساس ميڙي سُميل
محل چاهت جو تون مان ٺاهيون ٻئي
اچ ته تون مان گڏجي ڪيون ڪو جتن
اچ ويل پيار ٻيهر ورايون ٻئي

 



اسين بس رھيا سين اڌورا اڌورا!


ن ئي ِعشق آتش فشان ٿي اٿاميو،
ن ئي ديپ دل مان اونھان جو اجھاميو،
ن سورن جي شدت کان شِعلو بڻيا سين،
ن سگريٽ جو ڪوُڦلوٿي ڇڻيا سين،
دکيا سين جليا سين اڌورا اڌورا!



ڏکن سان ب دل پنھنجو رشتو ن ٺاھيو،
سکن ۾ ب من کي سڪون ڪون آيو،
کليا سين ت خلقت جي دردن ٿي روڪيو،
رنا سين ت دنيان جي نظرن ٿي ٽوڪيو،
ن خوش ٿي کليا سين ن رڄ ٿي رنا سين،
کليا سين رنا سين اڌورا اڌورا


ھي ڦاھئ جا ڦندا چمڻ کان ب وياسين،
۽ دنيان جا ڌنڌا ڪرڻ کان ب ويا سين،
ن تون ئي ملين ۽ ن ڪنھن جا ٿيا سين،
ِھتان کان ب ويا سين ُھتان کان ب ويا سين،
مرڻ جي مزي کان ب محروم ٿيا سين،
۽ جيئندا رھيا سين اڌورا اڌورا!
 



اڙي شهرِ جانان، ڪي تو کي سنڀارون،

اڙي شهرِ جانان، ڪي تو کي سنڀارون،
ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون.

هي جوڌن جي سينن جا فراخ رستا،
هي يوڪلپٽس جون نه کٽندڙ قطارون
هي تنهنجي گلين ۾، اسان جا حوالا
هي تنهنجي پٽن تي اسان جون پچارون.

هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي
هيون جل پريءَ ڪنهن جھڪايون نهارون
اڃان ڪجھه نه بدليو آهي اڙي دل!
تصور ۾ اڀرن ٿيون ساڳيون پڪارون.

هي وک وک تي منهنجيءَ پياريءِ جا پاڇا
۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون
اٿلندڙ اکين ۾ ڪنهن چاهت جي پوڄا
۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل ڪي سجدا سپارون

۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون
ڇڙيون ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي
”او بلما! ڪنهيا! ڪي اٻلا جيون سارون“

اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي
سپر هاءِ وي لڳ هو پيليون ديوارون
صبح پهريان ڪرڻا جھٽي سنڌالاجي
هوائن ۾ مهڪن گلابن جون ڏارون

اُتر واءُ آڻي ٿو گينڊي تي جوڀن
ڪري ماڪ ڏاڙهون پنن تي پسارون
چڪائي وجھن چاڪ ٿا سارا مارڳ
وري ڪنهن لنگهه تان سڏن هن جون سارون

نه مٽجي سگھيون سي ته دل جي پٽيءَ تان
ڪنهن شرميليءَ وينگس جون چُڪندڙ نهارون
نه ڀلجي سگهيس هن جي گونگي ڪلپنا
نه وسري سگھيس هن جيءَ اک جون الارون

تصور ۾ اڀري اچن ٿا سي ڏينهڙا
جڏهن هن جي چوٽيءَ مان ڦٽيون به ڌارون
نه اُڪليل محبت جا رنگين جذبا
نه سليل تنهن چاهت جون ڳجهيون ميارون

اڃان ڀي ته هردو اسان جو ڇِلن ٿيون
نه پوري ٿيل پيار جون سي پچارون
”سو اڙي شهر دلدار، تنهنجي دڳن تي
ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي.“

۽ هوءَ اپسرائن جي ٽولي جي راڻي
ڏسي تو کي اداس ٿيندي ته هوندي


حليم باغي



جي جيون تو م سند نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ

هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ

هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.

ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.

قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ

اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري

 


شاهـ عبدالطيف

 ’اَلَستُ بِرَبِّڪُم‘، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛
’قَالُوا بَليٰ‘ قَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛
تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.

جَڏهِن ’ڪُن فَـيَڪُونُ‘، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين؛
تُون ڪِئَن وِجِهين تن کي، سُومِرا! شَڪُون؟
هَمِيـرَنِ هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِــيُون!

نَڪا ’ڪُنۡ فَــيَڪُون‘ هُئي، نَڪا مُورَتَ ماهَ؛
نَڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرضُ گُناهَ؛
هيڪائي هيڪ هُئي، وَحۡدانِّيتَ واهَ؛
لَـکِيائِين لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجھاندَرَ ڳاهَ؛
اکِــيُـن ۽ اَرۡواحَ، اِها ساڃاءِ، سُپِرِين!

’قَيدُالۡـماءِ‘ ٿِيومِ، هِتِ اَڙانگي گھارِيان؛
’هِناڪَ جِسۡمِيۡ وَالۡـفُؤَادُ لَدَيۡڪُمۡ‘، هِنئون هُتِّ سَندومِ؛
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙاڪو سِين مارُئين!

جَهِڙو ’ قَيدُالۡـماءِ‘، تَهِڙو بَندُ نه ڪو ٻِيو؛
’جَفَّ الۡـقَلَمُ بِـمَا هُوَ ڪائِنٌ‘، لَـهي نه تِـرُ تِئاءِ؛
عُمَرَ! تو هَٿاءِ، اَجائي ٿِئي آجِڙين!

رِءَ اِعرابِيُـنِ هِتِّ، گَھنگَھرُ گھارَڻُ مون ٿِيو؛
’بَڪَتِ الۡـعَيۡنَانِ فِـيۡ هَوَاڪَ دَماً‘، پُڄان ساڻُ پِرِتِّ،
مَنُ، اَکِــيُون، تَنُ تِتِّ، جِتي جَنَبُ جيڏِيـين.

هي هَنڌَ، ڀيڻِيـُون هاڻِ، ساڙِيان سڀِ ڏيهِيُـن ري؛
’ڪُلُّ شَيءٍ يَرجِعُ اِلىٰ اَصلِہٖ‘، ٿي جِھڄان جھانگِــيُـنِ ڪاڻِ؛
ڀِرِي پَنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلِڪُ مَلِيـرَ جو



آگَمِيو آھي، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي؛
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباھي؛
وِھو مَ لاھي، آسِرو اَللھَ مان.

آگَمَ ڪَيا اَللھَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.

آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَھڙو پَسَڻُ پرينءَ جو؛
سيڻَنِ رِءَ سَيَّدُ چئي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگ؛
سَھَسين ٿِيا سارَنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾.

جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛
وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛
نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو.

اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.

اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ؛
پِريِن جي پَرِديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙِيا.

اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛
ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛
گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي؛

اُتران ٿي آئِــيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛
ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِـيُون روضي تان رَسُولَ جي.

پِيَّ پَسايو پانھِنجو، نِظارو نا گاهَ؛
لَٿو ڪَٽُ قَلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واهَ؛
اُميدُون اَرِواحَ، پِيَّ پَسندي پُنِيُون.

وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جِئَن، جي ھُوند سِکــئِين، مِينھَن!
ته ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بسِ بُوندَيَنئُون نه ڪَرِين.

گامَ گُنديءَ گَنجَ، اَبَرَ ۾ اُھاءُ ٿِيو؛
پَسِي پَرِ پِريُن جِي، ڏُور ٿِيا سَڀ ڏَنجَ؛
شالَ وَسندَو سَنجَ، عاشقَ تي اوھِيڙا ڪَري.

اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.

بَرَ وَٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺوجيسَرُميرَ؛
آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پِيرَ؛
لاٿائُون، لَطِيفُ چئي، وانڍِيُنِ مَٿان ويرَ؛
سَرَھا ڪَيائُون سيرَ، سَرَھيُون سَنگھارِيُون ٿِيُون.

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ؛
پونياڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائُون نارَ؛
سَٻاجھي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيہَ تان.

سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛
وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي





خواب ڇا آهي؟


مور بخاري

خواب اکين ۾ جاڳن ٿا پيا
خواب اسان جا قيدي نه آهن
خوابن جا اسان قيدي آهيون
خواب پرديسي ٿيندا ناهن
خوابن جو ڪو ديس ته آهي
شايد تنهنجون منهنجون اکڙيون
پر ڇا تو هي ڄاتو آهي
خواب ڇا آهي؟
خواب شايد
سکي جي هٿن تي چڙهيل
ميندي جو ڪو رنگ ته آهي
خواب شايد
هُن جي ٻانهن ۾ پاتل
چوڙين جو ڪو کڙڪو آهي
خواب ڇا آهي؟
خواب شايد
سکيءَ جي پهرين چمي ۽
پهرين ڀاڪر جو ڪو لمس ته آهي

خواب شايد
ڪنواري جو ڪو پهريون پيار
ڪوَي جي ڪا پهرين ڪويتا
ماڪ ڀنل صبح سمي جو
ڪو منظر
خواب شايد
ساهن جي جهيڻن سرن ۾ ستل
ڪنهنجي
سار _ او سار آهي
خواب ڇا آهي؟
خواب شايد
پيٽ بکايل ٻار جي،
ماني لئه ڪا آس آهي
ڏک آهي
پيڙا آهي
محرومين جو بار آهي
ٿوهر جي ڪا تلخي آهي
خواب ڇا آهي؟

خواب شايد
لاحاصل جو حاصل آهي
اڻپورو احساس ڪو آهي
ڪو وڃايل،
اکين ۾ رهجي ويل منظر آهي
خواب ڇا آهي؟
تو به نه ڄاتو!
مون به نه ڄاتو!!
خواب ڇا آهي؟
خواب ڇا آهي؟ !!

 





نئون سال!

بخشل باغي

آيو ستون سال صديءَ جو،
نڪتو ڪو به نه خاص نتيجو.

ساڳي تيز هوا طوفاني،
ساڳيو اوندهه، ڀاڳ بتي جو.

ڇانَو وڻن جي، ٻول پکين جا،
ڪاڏي ويو سو روپ ندي جو.

بي سُڌ ڀاڱا، ڀاڱا ٿي وئي،
موت، ڪُهاڙي بڻيو، سسيءَ جو.

مون لئه سڀ کان آهه مٿاهين،
مَٽ نه آ، ڪو ڀونءِ ـــــ رَتي جو.

رت، ٽِمي پيو ٿو ٽاريءَ مان،
ڪنڌ، ڪپيو هي ڪنهن مُکڙي جو.

وقت نه ايڏا لوڏا ڏي تون،
ماڻهو ڪچي آهه مِٽي جو.

ساري ٿي وئي ڀونءِ ستارا،
نرتيءَ جي اڄ ڇير، ٽٽي جو.

ڪيڏو سُندر منهنجي ڀوميءَ،
ويس ڍڪيو آ چانڊوڪيءَ جو.

اڄ ئي هُن جو ڏينهن جنم آ،
اڄ ئي ڏينهن سندس ورسيءَ جو.

 



فقير نظير قاضي


نظر ڪر، نظر سان، نظر تي نظر رک!
خبردار! سنڌي، خبر تي، نظر رک!

ڌريان ئي جي ڌاريا سي پنهنجا ‎نه ٿيندا،
تون ويريءَ جي ميريءَ نظر تي، نظر رک!

مڃين ڪون ٿو پر، ٿو واسينگ پالين،
ڪاريهر جي ڪَر ۽ زهر تي نظر رک!

اُلٽ ڦير اکرن جي اوکي اويڙي
جزم پيش، زير۽ زَبر تي نظر رک!

امڙ سنڌ ساري امانت اٿئي،
ڀتر ڀينڊ، حجر و شجر تي نظر رک!

ويلَ وَيلَ وَرڻي مور ناهي،
صُبح شامَ سانجھِيءَ سحر تي نظر رک!

ڪراچيءَ کان ڪشمور، ٿر،ڪاڇو، تنهنجو،
تَراين، تَڙن ۽ ڏَهَر تي، نظر رک!

 



محترمه دروپدي ڌنواڻي


 چَوَڻَ لاءِ تَه
گھَرَ سَڀئيِ مُنهنجا هُئا
پَرَ ڪنهنِ بِه گھَرَ تي
مُنهنجو حَقُ نَه هو
ڪوئيِ بِه گھَرُ
مُنهنجي نالي نَه ٿيو.
مُنهنجو گھر
هُئس مان جڏهن ننڍي
ڌيءُ جنهنجي هُئس
گھر جنهن ۾ هُئاسين
گھرُ اُهو اَسانجو
پيءُ نالي هُئو.

وڏيِ ٿِيس
پيءُ نَه رهيو
ڀاءُ هٿُ رکيو
گھَرُ پوءِ اَسانجو
ڀاءُ نالي ٿيو

شادئَ کانپوءِ
مان ٿيس جنهنجيِ
اُهو مُنهنجو ٿيو
هِڪُ گھرُ ڇُٽو، ٻيو مليو
پر گھرُ ------
مُنهنجي گھوٽ جي نالي هو.

پُٽُ وَڏو ٿيو
ڌڻيِ نَه رهيو
۽ مان بِه وڏيِ ٿيس
گھرُ مُنهنجو، منهنجي نالي نَه
پُٽَ نالي ٿيو.

هر گھر ۾ موُن
زندگيِ گُذاري


  •  

عيدَ
ڪيرُ ٿو چوي
اَڄُ عيدَ آهي
عيدَ تَه اُنَ ڏينهُن هُئي
پهريون دفعو جڏهن
ٻئي پاڻَ گڏيا هُئاسيِن
نظروُن خاموشُ هُيوُن
چَپَ چُپ هُئا ٻنهي جا
باغ ۾ سائي گاهَه جي
وِڇايل غاليچي تي
عشق جيِ باهِه ۾
ٻَه جِسمَ
ٻريِ ڪري هِڪُ ٿيِ ويا
اَڄُ توُن ڪِٿي آهيِن
مان ڪِٿي آهيان
ڪنهن کي ڪُجھُه خبر ڪونهي
عيدَ هُجي
۽ اَسيِن جُدا هُجوُن
ڇا اِها وفا آهي
يا مجبوُري آهي
ڪيرُ ٿو چوي تَه
اَڄُ عيدَ آهي.
 


  •  ناريِ مهان

هر مُلڪ جي هر شهر ۾
هر گھر ۾ ناريِ هوُنديِ آهي.

هر ناريِ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ
يا زال ٿينديِ آهي.
ماءُ ڀنگياڻيِ بڻجيِ
ٻارن جو مل موُتر کڻندي آهي
ڀيڻ ڌوٻياڻيِ بڻجيِ
ڀائرن جا ڪپڙا ڌوئنديِ آهي.
ڌئُ باسڻن واريِ بڻجيِ
گھر جا جوُٺا باسَڻَ صافُ ڪنديِ آهي
زال گھر جيِ نوڪرياڻيِ بڻجيِ
گھَرَ سڄي جو فرش ٻُهارو ڪنديِ آهي
هر روُپ ۾ ناريِ مردَ کي
ڪُجھه نَه ڪُجھه ڏيِنديِ آهي.
رشتن جيِ اُس ۾
زندگيِ پنهنجيِ سُڪائي ڇڏيِندي آهي.



  • مَئِنا
    بند پِڃري ۾
    تڙڦندو ڏِسيِ
    مَئِنا کي
    مان سمجھيو
    اُڏامڻُ چاهي ٿيِ
    کُليلَ آسمانَ ۾
    مِلَڻُ چاهي ٿيِ
    وَڃيِ پَنهِنجن سان باغ ۾.

    پِڃرو کولي
    ڏنومانس اُڏاميِ وَڃَڻَ لاءِ
    ڪونَه نِڪتيِ پوءِ بِه
    چيومانس
    اُڏاميِ وَڃُ، مِلُ وڃيِ پنهنجن سان
    روئيِ ڏِنو ويچارئَ
    چَوَڻَ لڳيِ
    پَرَ ڪَٽي ڇڏيا
    ڪَنهِن مُنهنجا
    پَرَن بنان ڀلا
    ڪيرُ اُڏاميِ سگھيو آهي؟ ممتا



  • ٻَڪرن سان گَڏُ
    ڪاسائئَ وٽِ هِڪَ
    ٻَڪريِ بِه اَچيِ وَئي
    جيڪا پيٽَ سان هُئي
    روزُ هِڪُ هِڪُ
    ٻَڪرو گھٽجندو وِيو
    ٻَڪرا ڪيڏانهُن ٿا وڃن
    ٻڪرئ کي ڄاڻ ڪونَه هُئي
    جَنهِن ڏيِنهُن ڪاسائي
    آخريِ ٻڪري کي
    وَٺڻَ آيو،
    ٻڪريِ بِه چُپچاپ
    اُنجي پُٺيان هلنديِ رهيِ
    ٻَڪرئَ جڏهِن
    سِسيِ ٻَڪري جيِ
    ڌَڙَ کان اَلڳ ٿيِندي ڏِٺيِ
    خوُنُ ٽهڪڻَ لڳُس
    چئني پاسي ٽَنگيل
    سُڪَلَ کَلوُن ڏسيِ پَنهنجن جوُن
    مَنُ ڀرجيِ آيُس
    تڏهن اُن سوچيو
    هاڻِ ماءُ نَه ٿيِنديس ڪَنهنجيِ
    ۽ وَڃيِ بيِٺيِ
    ڪاسائئَ جي سامهوُن
    سِسيِ پَنهنجيِ ڪَٽائِڻ لاءِ.


  • روٽيِ

    هيِرَ رنڌڻي ۾
    چڪلي تي روٽي ويليندي ويليندي
    سوچي رهيِ هُئيِ .......
    هئَ روٽيِ تَه ڪڏهن اَنُ هُئيِ
    پوءِ اَٽو بڻيِ، هينئر روٽيِ آهي!

    پَچَڻَ کانپوءِ،
    پهريِن هُنجو ڌَڻيِ کائيِندو
    پوءِ سندس ٻارَ کائيِندا
    باقي جيڪا بچندي
    سا پاڻَ کائيِندي.

    هيِرَ تَئي تي
    روٽيِ سيڪيندي سيڪيِندي
    سوچڻ لڳيِ
    هوُءَ پاڻَ بِه تَه هِڪَ روٽي آهي
    جيڪا ننڍپڻ ۾ اَنُ هُئيِ
    جوانئَ ۾ اَٽو بڻيِ
    ڳوهيو، ويليو ويو کيس
    هاڻي هوُءَ پَڪَلَ روٽيِ آهي
    جنهنکي پهريِن

    سندس ڌڻيِ کائيِندو
    پوءِ ٻارَ کائيِندا
    باقيِ جيڪا بَچَنديِ
    سا پاڻَ هوُنديِ پنهنجي لاءِ
    رُڳو پنهنجي لاءِ.


  • سگريٽ
    خيِسي مان
    هِڪُ نَئون نوٽُ ڪڍيِ
    اَدَب سان موُنکي
    خريِد ڪيو تو.
    هٿن ۾ کڻيِ
    سُٺي طريقي سان
    پيار جي نظرُن سان
    موُنکي ڏِسيِ ڪري
    لڳايُئه پنهنجن چَپَن سان
    ماچيِس جيِ تيِلئَ سان
    ٻاريُئه موُنکي ٻئي پاسي کان
    جسمُ مُنهنجو ٻرندو رهيو
    ۽ توُن دوُنهين کي ڏسندو رهِئين.
    هَٿَ سَڙَڻَ لَڳا جَڏهِن تُنهِنجا
    ڦِٽيِ ڪري ڇَڏيُئِه
    ڪچري جي ڍيرَ تي
    موُنکي.

    (8)
    مان ٻرنديِ رهيس،
    پوءِ بِه
    لَڳيِ نَه وڃي باهِه
    سَڄي مُلڪَ ۾
    اِن ڊَپَ کان
    پيرن سان پنهنجي
    ڇَڏيُئِه چيِڀاٽي
    موُنکي.

    ۽ وَريِ هَلِئين
    باهِه لَڳائِڻَ
    هِڪَ ٻِئي کي.


شهر جو آخري گھر

هر شهر جي ڪُنڊ ۾
هِڪُ آخري گھر هُوندو آهي
جنهنجا دروازا
شهر ڏانهُن کُلندا آهن
۽ دريوُن جھنگل ڏانهُن.
اُهو گھر پاڻکي
ڪڏهن شهر ۾؛ ۽
ڪڏهن جھنگ ۾
ٺهيل محسوس ڪندو آهي

مُنهنجو منُ بِه ؛
جڏهِن تُون ايِندو آهيِن
شهر بڻجِي پوَندو آهي
گھر ۾ روٰنق وڌي ويندِي آهي.

مُنهِنجو منُ
جھنگُ ٿيِ ويندو آهي
جڏهِن توُن پرديس
هليو ويندوآهيِن
گھر ۾ چُڀڻ واريِ شانتيِ،
ڪا بِه هلچل نَه ،
نَه کُٽَڻ وارا ڏيِنهَن
وڏيوُن راتيوُن
صُبوح اُداس
شاموُن غمگيِن
وقتُ ڄڻ بيهيِ ويندو آهي
جھنگَ مان شهر ڏانهُن وڃڻ لاءِ
منُ وياڪُل ٿيِ رهيو آهي منُهنجو اُگھاڻو (ٽَپڙيِ)

جنهنجيِ پنهنجيِ ڪا بِه
اِڇا ڪونَه آهي
بس، گھَرَ ۽ رنڌڻي کي
صافُ رکڻو آهي
جيسيِن ساهُه آهي
تيسيِن جيِئڻو آهي.

گندگيِ سڄي گھَرَ جيِ
لِڪائي پنهنجي پاڻَ ۾
گھَرَ جي ڪنهن ڪُنڊَ ۾
لِڪيِ وِهڻو آهي
جيسيِن ساهُه آهي
تيسيِن جيِئڻو آهي.


اُگھاڻو ڪڏهن تَه ڦاٽيِ ويندو
ڦٽو ڪري ايِندا گَندَ جي ڍير ۾
اُگھاڻو هِڪُ ڦاٽندو تَه ٻيو ايِندو
اُگھاڻو تَه گھَر ۾ ضروُريِ آهي.
سَسُ ويندي تَه نُهنُ ايِنديِ
هر ناريِ
گھَرَ جو هِڪُ آُگھاڻو آهي
جيسيِن ساهُه اَٿس
کيس جيِئڻو آهي.


اڙي دل!!

 ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ڙي دل!
اڙي دل!
ايڏي به پاڳل؟
رڳو ناهي تنهنجي
وفائن جفائن جي
ماتم ڪدن ۾ هي محشر متل.
ڏسين ڇو نه ٿي سارو ساڻيھ صدين کان
آهي ستل.
ڪسابن کان،
ساري ڪُڙم جي ڪنن ۾ ڪپھ آ پيل.

اچ انهن ڏي هلون!
جن جو ناهي ڪڏهين ڏور، ڇلڙو، جمالو،
همرچو ٻڌل،
جن جا سڀ گھيٽڙا،
گھنڊڻين لئه سڪيل.

اچ انهن ڏي هلون!
جن جو ناهي ڪڏهين،
چيٽ جي چنڊ جو گيت پهريون چپل،
جن جا سڀ کيٽ ۽ چيٽ
وڪجي ويل

اچ انهن ڏي هلون!
جن جي پکڙن پهين تي،
وٿاڻن وهين تي
ڌُريان ئي ڌڌڙ ڌوڙ آهي ڄميل،
پنهنجي تاريخ کان پڻ اوناهان ڍڪيل،
جن جي لاڻن لين تي
۽ کٻڙن کهين تي
ڌارين اٺن جا، سوين ڌڻ پليل،
جن تي ناهي بهارن جو پاڇو پيل.

هل انهن ڏي به هل!
جيڪي پنهنجي ئي ڌرتي تي ڌاريان ٿيل،
ضميرن تي پڻ جن جي ڌاڙا لڳل،
رڳو بھشت جي آسرن تي پليل.

اڙي دل، اڙي دل!
انهن ڏي به هل!
جن جي نيڻن ۾ ناهي ڪو سپنو سجيل،
جن لئه ميگھاجي رُت کي منع آ ٿيل،
جن جا سڀ ڀاڳ
ڪاهوءَ جيان اجڙيل،
جن جو هر ماڳ
رڻ ڪڇ جي واري تتل.

ها انهن ڏي به هل
جن جي نيڻن جي مڪليءَ جي مدفون ۾
رڳو چند آسن جا لاشا ڍڪيل،
جن تي،
دردن ۽ سورن جا ڪتبا لکيل.

اچ انهن ڏي هلون،
جن جا ”چُپ“ سان چپڙا به آهن سبيل،
جن جي واتن مٿي
ماٺ مهرون لڳل،
جن جا سڀ قافلا
رهنما جا ڦريل، رهبرن جا لٽيل،
جن لاءِ منزلون مام بنجي ويل.

اڙي دل!
اڙي دل!
انهن ڏي به هل!
وقت ويريءَ هٿان
جن جا چهرا چماٽن سان آهن چٿيل،
جن تي آهن اڃا
جن تي آهن اڃا
سونهن سچ جي شهادت جا منظر چٽيل.

اڙي دل!
اڙي دل!
ايڏي به پاڳل!
ڏسين ڇو نٿي؟
لوڪ سارو اٿئي؟
وک وک تي وڍيل،
ڪو آ قربن ڪٺو
ڪو آ ڪاتيءَ ڪُٺل،
رڳو ناهي تنهنجي
وفائن جفائن جي
ماتم ڪدن ۾ هي محشر متل.

 


ڏوھ ڪنهن کي ڏيون!؟

 ڊاڪٽر آڪاش انصاري



قاتلن جي ڪلهن ۾
وڌئي اجرڪون
او ويڪُو وڏيرا!
ٿُڪون ٿئي ٿُڪون.

ٽَڪن لئه وڪيون تو
سنڌي ٽوپيون،
سچ اهو آ ته
سچ کي شرم ٿو اچي،
دلاليون دليريءَ سان اهڙيون ٿيون.

ڏيھ واسيو ڏسو!
ڏوھ ڪنهن کي ڏيون؟
ڪالھ ڌرتيءَ مٿي
رت جي رقص تي
زخم، زنجير سان
نينهن جي نير سان
جنم جيلن اندر
جيڪي ڇورن ڇُريون
عشق جون اجرڪون،
ڪيستائين ڀلا،
ائين ارزان ڪبيون؟
جنين پنهنجي سينن،
سنگينون هنيون،
اسانجي ننگن ڏي
نگاهو کنيون،
ڌسي تن سِرن تي،
سنڌي ٽوپيون“
*۽ ٽوپين ۾ جڙيل
چون ٿيون ٽڪون،
او ويڪُو وڏيرا!
ٿڪون ٿئي ٿڪون.

 

 



استاد بخاري جي شاعري


جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي

 

اسان جي مُئاسين
آڪاش انصاري جي شاعري

اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،

اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي،

اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي،

جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي،

جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو،
نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.




حيلم باغي

 
هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،
جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.

جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور گھڙيون قتلام ڪري
جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي.

ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ
جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي.

تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو
هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو ڦرڦل تي.

ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان
ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي.

جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي
جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي.

جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي
ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي.

 


حيلم باغي


قضائن جي گھيري ۾ گذريل ڏهاڙا،
قتل گاهه آڏو سي نبريل ڏهاڙا.

پرينءَ جي گليءَ ۾ پٿون پير ٿيندئي
نه ووڙج وري سي ئي وسريل ڏهاڙا.

ڪٿي ڏات بڻيا، ڪٿي بڻيا سرگم
اسان جي وهيءَ جا ڪي وکريل ڏهاڙا.

هي ڪينجھر ڪنڌيءَ تي تماچي جا تڪيا
هي نوريءَ جي جلون سان نکريل ڏهاڙا.

اٿئي پٻ! پارت متان ڏس مِٽائين
ڇڏيا ٿئون پٿر تي جي پٿريل ڏهاڙا.



مان به ڪهڙو شاعر

آهيان؟


عبدالحڪيم جروار

ڏيڍ سؤ سال جي،
غلامي کي آزاديءَ جا،
مختلف نانءُ ڏئي،
عقيدن، مذهبن ۽،
مصنوعي قومن جا
دوکا ڏئي
غلام بڻايل،
مُرڪن ماريل ماڻهن تي،
مان ڀي ڏمرجان ڏاڍو و.
پر بي خبر هو حقيقت کان،
اڻڄاڻ ۽ موڳا مٽر بڻايل
پر مان ته سڀ ڪجھه سمجھان ٿو،
ڇاتيءَ جي صفحن تي،
غاصبن جي گولين جا،
نشان ئي غزل آهن.
هن دؤر جي پوڄا لاءِ،
پر مان ڀي جياپي جي جنگ ۾،
اهڙا غزل ناهن لکيا،
باقي غزلن تي جي مان شاعر آهيان،
ڀاڙيو گيدي، بيحس ڪانئر آهيان،
پوءِ ته لعنت لکک لک جي ظاهر آهيان.

 

 


سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

حيلم باغي


اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون
پرهه مک تي جھومڪ جيان سي سجايون

نه پاتي اسان ڪا به مالها نه پاتي
چنبيليءَ وليون هر اڱڻ تي لڳايون.

اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي
اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون.

تون اڄ بڻج ڪينجھر، مان بڻجان ٿو ٻيڙي
وري ڇولين ۾ سمنڊ ڪو سمايون.

پئي چنڊ تڙپيو ستارا پئي مڇريا
اسان تنهنجيون پلڪون چپن تي گھمايون.

هي لڙڪن جا موتي هي آسن جا کنڊر
هي پنهنجيون ڪمايون هي پنهنجيون لٽايون.

اسين جوڳي نيريءَ نگر جي ڪنڌيءَ تي
پيا جوڻ ڪنهن چنڊ چمڻ لاءِ مٽايون

.

 رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.

سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.

مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون

جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي

ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي
ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي

هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا
ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي

نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ جھڻ آ
ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي

هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي
چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجھر جي ڪنارن کي

ڪنهن چڳَ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چَپَ تي مُشڪ مڙندي
ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن کي.

بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي
تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي

جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي رڳو هزارن کي

.

 


”ناهه ڌڻي ري ڪا درگاهه“

مولانا حاجي احمد ملاح

بسم الله احد الله، حاضر ناظر، سو هر گاهه،
صدقو تنهن تان ساه پساه، صائق صاحب کي ساراه،
واهواه! واحد کي واهواه! ناهه ڌڻي رِي ڪا درگاه،


خالق خلقي خلق سموري ــ مانهو، جن ملڪ حضوري،
اُڀ، زمينون، نکٽ نوري ــــ ماڻڪ،  موتي مشڪ کٿوري،
راتيون ڏينهن، مندون ۽ ماه، ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه،


عجب اوپائي ڪيئن اوپاج ــــ در، ياقوت، عقيق ۽ عاج،
کير، کٽونبا کنڀيون کاج ــــ اَمان، انب، انجير، اناج،
وڻ ٽڻ، وليون، ونئڻ ڪپاه ــــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه،


آهه اصل ۾ آب مني ــ جنهن مان گل ٿيا گھوٽ وني،
ڪي ڪي غربا، ڪي ته غني ــ رنگ برنگي جوڙ بني،
صافي نگ سفيد، سياه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.


عربي ٻولي، عجمي ڳالهه ــ لڳن سکڻ ۾ جنهن جي سال،
قادر جا ڏس ڪم ڪمال ــ جھڙي مائٽ ڪن مقال،
تهڙي وات ڳڀورن ڳاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.


ڪڪر کي جڏهن قادر چوءِ، موجب حڪم هلن ٿا پوءِ،
وسن ولايتن تي، وڃيو پوءِ، وڏڦڙي جو واڪو پوئي،
تار ترايون تڙ، تلاه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.


جھم جھم جھر وسن جھالارا ــ ڪاريون ڪنڍيون ڪڏڪارا،
صحرا چهرا سونهن سارا ــ اوڀڙ ڪن عجيب نظارا،
گلشن ورشن، گولون گاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

مني ڪنيءَ جون ڏس تون موجون ــ گادي چڙهيو گل ڪري ٿو گوجون،
شاه سڏائي، شامل فوجون ــ الله ڏياريس اي سڀ اوجون،
قدرت حق تي ڪل گواه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.


قادر قدرت جو ڪلتار ــ مالڪ ملڪن جو مختيار،
ساري ڏيهه سندو ڏاتار ــ بيشڪ باري آهه ڀتار،
سارو عالم هڪ آڪاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


مشرڪ تي ٻيلي ناهه ميار ــ جيڪي جوڙي هٿ سين يار،
تنهن جي تيرٿ لاءِ تيار ــ پٿر پوڄي ساڻ پيار،
ناهس واحد تي ويساه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


مورت تي ٿيا مشرڪ راهي ــ ڪن ته پٺي تي واٽ وراهي،
ٻڌن ڳچيءَ ۾ ڳٽ ڳراهي ــ اي سڀ گھوڙا ڙي! گھمراهي،
هر دم هادي هڪ همراهه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت،
ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت،
لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


جنهن حال تي پانڌي پنڌ پون ــ ديکيون درگاه سخن سون،
حال ڪهن ۽ رئن، رڙن ـــــــ ان کي عرب الهه چون،
سو تان حاڪم هيڪ الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


سوگڻ صاحب رب سڳوري ـــــــ هرگز پهچون هڪ نه ٿوري،
اڇل عنايت سڀڪا اوري ــ صدقي صدقي، گھوري گھوري،
آيم مير محمد شاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


مٺي محمد مير مٿي ـــــ جڏهن آيو وحي وير مٿي،
تڏهن خلق سڄي هئي سير مٿي ــــــ تربت تي، وحي تي، تصوير مٿي،
ڪارڻ ڪمن ڪندا هئا ڪاه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


پير مبارڪ پرين پاتا ــــــ وحدت وائي ورايئون واتا،
ناهه ڌڻي ري ڪو داتا ــــــ لات منات عزا سڀ آتا،
ٺلها ته ٺوڳين ٺاهيا ٺاهه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير،
ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير،
سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


هو جي جڳ ۾ جيئرا ــــــــ وڌا قبر ۾ ڪانڌين ڪيئن؟
جيئرن سان ڪو جائز ايئن؟ آيا ڇونه اڱڻ اڄ سين؟
ڪن عزيز اڪنڊ مان آهه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


هو ته پڄائي پنهنجا ڏينهن ــــــــ سکي وڃي ٿيا سالڪ شينهن،
جن کي جھڙا رب سين نينهن ـــــــــ تهڙا مٿن مره جا مينهن،
بخشين باري ڏوهه گناه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


پنن جنهن کان پُٽ ۽ پوٽا ــــ سي ڪيئن ٽارين ٽئي تان ٽوٽا؟
سڀ خيال خدا ري کوٽا ـــــــ ڪاوڙجي تون ڪڍ م اکوٽا،
سمجھي ويندين سنجھ صباح ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


حاجون هٿ ۾ هاديءَ هيڪي ـــ غير گڏيندا غافل جيڪي،
داخل دوزخ ڪندن ڌيڪي ـــــ سنوان صبحاڻي ٿيندا سيڪي،
لڳندن جڏهن بدن کي باه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


پيرل کي چؤ تون اي پوڄاري! جنهن جي وراڻي واري،
جوڙي ڳئون يا مينهن موچاري ـــــ هو تان آهن پاڻ اَپاري،
جن تي گوڙ ٻڌن گمراه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


پيرل کي چؤ تون اي پانڌي! ڪونج ڪنوار جا تو آندي،
چاڪي چمڪي وانگر چاندي ـــــــ جوڙي اهڙي حور هيڪاندي،
پاڻئون ڏيئي پر ۾ پاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


پيرل کي چؤ تون اي پيئار! جنهن تي لاهين جھنڊ وار،
جوڙ مٽيءَ مان مورت ٻار ـــــ جوڙون جوڙي جوڙڻ هار،
ٻيو سڀ ڪوڙ، قصو ڪوتاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


پيرل مهندان پانڌ پکيڙ ـــــ ڄاڃي ماڃي ميڙ ئي ميڙ،
چؤ ته بدن ۾ پيم بگيڙ ــــــ آيو اجل تنهين کي ٿيڙ،
نيم نهوڙي ٿو ناگاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


پيرل مهندان لاهي ڀاڳ ـــــ جنهن جا لازم ڄاڻين لاڳ،
باغ بنائي تنهنجا ڀاڳ ــــــــ ڪوڙهيا! اي سڀ ڪوڙا راڳ،
ڪانهي واحد ڌاران واه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


چؤ ڪو پرتو پير پساءِ ــــــــ مون کي دعوا منجھ نه دساءِ،
جوڙ ملاريون مينهن وساءِ ــــــــ پوکن پاڻِ جلد رساءِ،
وهسن وي، وليون وڻراه ـــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


ڪوبه جواب نه ملندئي جاني ـــــ چوندئي ظاهر ساڻ زباني،
ڪُل مَن عَلَيها فَانِي ـــــــــ ٻئي سان ٿي م ٻڌل ۽ ڏاني،
وٺ تون هڪڙي رب جي راه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


جن، ملائڪ، مانهو لک ـــــــــ اُڀري ڪين انهن کان ڪک،
جڙندي مور نه هڪڙي مک ــــــــ ٺهندو پڻ نه پکيءَ جو پک،
توڻي گڏجي ڪن گجگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


رزق پهچائڻ ڪم رحمان ــــــــــــــ جنهن جا عيوض بنا احسان،
ڏاتيون ڏي، جي موجب ڏان ـــــــــــ قيمت پهچي ڪنهن کان ڪانه،
پاڏو تنهنجو وڌ نه پنجاه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


ان سکا جي صدقي سانگ ـــــ ڀائين مليم مينهن ڇانگ،
مومل ماڻيئي، منهن تي مانگ ــــــ بدلا ڇڏ، اي بکيا ڀانگ،
ڪهڙي پرور کي پرواه ــــــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه.


دانهن در ڌڻيءَ کان ڍار ـــــــــــ سي تان ڦوڪون منجھ ڦلهيار،
موٽي پونديون منهن ۾ يار ــــــــــ ملندئي محشر ڏينهن ميار،
سرندئي خواري خوامخواه ــــــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


هڪ ڌڻي، جي ڇڏن ڌڻن ـــــــــ ڪم وڻي ٻيا ڪير کڻڻ،
هيڏي هوڏي هٿ هڻن ـــــــ ته به ڊهن زمينون، اُڀ ڇڻن،
آگي ري ير! سڀ اونداه ــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه.


فرش ڪنان تان عرش سڳوري ــــــــ ڏيهه سڄائي ڏس تون ڏوري،
چڱن مٺن کي ڏسي تون چوري ـــــــــ ناه آ جھوڪو ان کان اوري،
ٻين سڀن جا طبل تباه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


شارڪ! شرڪ سندا ڇڏ شيوا ــــــــ ڏاتر هٿ ۾ ڏيوا، ليوا،
ڪر م سوا رب ٻئي جي سيوا ــــــ مهندان ماڻئين محشر ميوا،
جنت منجھ جڙئي جاڳاه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


جيڪا تنهنجي هٿ ۾ هڙ سي سڀ واحد هڪ جا، وڙ،
لڳ م لٽيا! ڪنهن جي لڙ ــــــ قادر تنهنجو ڪل کان ڪڙ،
ڌار م ڌارين جو ڊپ ڊاءُ ــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


مالڪ هڪڙو ملڪ ملڪ ۾ ـــــــــــ خالق سوئي خلق، فلڪ ۾،
هٿ انهيءَ جو هڪ چلڪ ۾ ـــــــ سڀن سنڀالي پلڪ پلڪ ۾،
ملڪ سڄي تي مهر نگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


يَقُول لَههُ، ڪُن فَيَڪُنِ ـــ قائم قدرت جو قانون،
جيڪي جوڙون گونا گون ـــــــ ان حڪم جي هيٺان هون،
ٺهن، ڦٽن سين امر الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم،
داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم،
نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.



شيخ اياز جي شاعري


ڇا لاءِ مرن ۽ مارن ٿا ، هي جڳ جا جھيڙا ڇا معنى ؟
ڪنهن ساڻ وڙهين ٿو سپني ۾ ، هي گوڙ بکيڙا ڇا معنى ؟

هي ساٿي ڪهڙا ساٿي ها ؟ آ هر ڪنهن پنهنجي راھه ورتي،
هو هَر ڪنهن کي هيکل وڃڻو ، هِي سارا ميڙا ڇا معنى ؟

هي چوڳو آهي چار گهڙيون ، پو پَنک پکيڙي اُڏرين ٿو ،
ويا هر ڪنهن جا ڪيڏانهن وَلر ؟ هي واءُ وِکيڙا ڇا معنى ؟

آ ڪيڏو سمنڊ ۾ اَجھاڳُ پرين، هت ناهي ڪنهن جو ماڳُ پرين!
ڪو ئي به ڪنارو ڪو نه آهي ، هي تُنهنجا ٻيڙا ڇا معنى؟

تو مَڌُ پيتو هن وَستيءَ ۾ ، ۽ واڳ وٺين ٿو مستيءَ ۾ ،
پَر تنهنجو ماڳُ ” ايـــــــــاز “ ڪٿي ؟ هي سارا ليڙا ڇا معنى ؟



شيخ اياز جي شاعري


پرينءَ سان پکا ڪير ويهي اڏي
گھڙي لنئو لڳائي، هلون ٿا لڏي

جھڙاليون لڳائي وئين جيءَ ۾
اڙي جيءُ آئين اسان جي تڏي

اُتر کان اچي ٿي اُٺي جي هوا
ڀَري آ، ڀَري آ، نصيحت نه ڏي

ميان، ڪير مَي جون ميارون سهي
اسان کي ڇڏي ڏي، ڇڏي ، ڇڏي ڏي

نه ٿيندي نه ٿيندي محبت فنا
هلي آ، ڀلي ويهه گوڏو گڏي

”ڀٽائي“ به هو ميڪدي ۾ ”اياز“
ڏنائين پئي مَي اسان کي سڏي



شيخ اياز جي شاعري


اکڙيون جو پُل لاءِ پُوريون سي ڪيئي پيارا ويجھو ها
وڇڙي ويا جي ورهين کان سي جيءَ جيارا ويجھو ها

پو به اسان جي روح نه پاتو ڀٽڪي ڀٽڪي چين
تنهنجون اکڙيون مڌ جون پياليون ڪيئي سهارا ويجھو ها

ڪئين چوان ڇا لاءِ ڇڪن ٿيون لهريون ۽ لسن ليٽ
پوءِ به اونهي سان ٽڪيا سي گرچه ڪنارا ويجھو ها

ڪئين چوان او ڪئين چوان ڇا
لاءِ ٽِليا سي ٽانڊن تي
جيءَ اسان جي ۾ هئي جھِر مِر چنڊ ستارا ويجھو ها

دُور ويا مجبور هُيا، ويا سُپرين پنهنجو ساٿ ڇڏي
پو به ’اياز‘ اسان جي دل کي هو دل وارا ويجھو ها

         


شيخ اياز جي شاعري


ڪنهن جي ناهي هيءَ سراء،ِ
رات گُذاريئه، هاڻي هَل.

اُن تي مَڌ جو مينهن وساءِ،
ٽِڙندو ٽانگر جئن پَل پَل.

اُڏري ڪائي لات ڪيان،
ڪيسين روڪيندو اَڻ ــ جَل.

تاڙي مار نه، جي آيو،
تنهنجي ماڙيءَ تي طوطل.

تنهن جيوَن کي آگ لڳاءِ،
جنهن ۾ ناهه ڪرم جو ڦَل.

ڪيچ هجي ڪيڏو به پري،
آريءَ پُٺيان آءُ اَٽل.

ٿَر ۾ ٿانئيڪو نه ٿيو،
ڪوئي ڪوئي ڪارايَل.

آخر ڪارونڀار ڪري،
برسي ٿو بُٺ تي بادل.

هي واريءَ تي وڏ ڦُڙو،
هي ساوڻ جو سُر منڊل.

اي ڪوئل! هي ننڊ ـــ فنو،
تو جھڙو ڪو ڪُوڪ ڪُٺَل.

ٻگھڻ ٻولي تنهنجي لاءِ،
منهنجي ڪوتا آهه ڪَجل.

سنڌڙيءَ کي سيباءِ، ’اياز‘،
پنهنجو گيڙو ويس غزل

 




شيخ اياز جي شاعري


ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين،
ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ،
هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا،
پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا،
او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟
رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ،
آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ،
هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا،
ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي،
پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،
ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!
بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي،
ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ،
مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟

برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي،
ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــ
پاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ،
موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!
ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟



شيخ اياز جي شاعري


اچڻو آهين جي تون، آءُ،
ڪيسين سانڍيان مان سوداءَ!

ڪنهن ٿي ڄاتو، اي انسان،
تو کي ڪُهندو تنهنجو ڀاءُ!

جِيون پو به ڪري ٿو چونڊ،
توڙي ڏئي ٿو موت چتاءُ.

اندر سيخون، ڪوٽ ڪڙا،
ٻاهر ڪُونجون، هِير ــ هُڳاءُ،.

اونهاري جي اوجل باک،
آءُ، اڱڻ ۾ منهنجي آءُ!

او زندان جي ڪارِي ولهه!
تو ۾ آهيان آءُ اُلاءُ.

وڃ وڃ موٽي، وڃ وڃ، ويڄ!
گهايل ڄاڻي منهنجو گهاءُ.

مون کي ڪوئي ڪونه پَلي،
پيار نه ڄاڻي ٿو پڇتاءُ




پيار جي پنڌ ۾

مور ساگر

وڇائي نيڻ ويٺا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾،
پرين ٿا ائين توکي چاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

سامهون صليب هجي يا ڀل، وڇايل واٽ تي ڪنڊا،
ڪڏهن واپس وريا ناهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

اڪيلائيون ڊگھيون راتيون، چڪن ٿا گھاوَ يادن جا،
ويٺا واهڙ اکئين واهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

ڇَتا تو هئا ڇڏيا ڇوڙي، ڀُنل هو بُت بارش ۾،
گھڙيون سي ياد هن آيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تنهنجو اوسيئڙو،
ڏيئي وانگي ٻريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

پُڇين ٿي پنهنجي ساگر کان، جيئان ٿو ڪئين بنا تنهنجي،
ڪڏهن ڊاهيون ڪڏهن ٺاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

 



 عجب آهي زماني جا اهي

اطوار مٽجي ويا

مخدوم محمد زمان صاحب ” طالب المولى “


عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛
و_ڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا.

اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛
غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا.
                 

ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛
لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا.

پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛
ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا.
 
نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛
 وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا.
 
جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛
 قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا.
 
پرا ون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون  ”طالب المولى“؛
 هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.

 


حسام ميمڻ 

  • آزاد نظم

مڃو معصوم آن ڏاڍي
مڃو دل جي به نازڪ آن
مڃو کوٽي به ناهين تون
مڃو کلڻي به ڏاڍي آن
مڃو ڊڄڻي به ناهين تون
مڃو تون پِرههَ جهڙي آن
غريبن جي گلي ۾ پئي
اهڙي گِرهه جهڙي آن
مڃوسي فهم ڀي اعليٰ
تدبر ڀي، تحمل ڀي
فراست ڀي
ظرافت ڀي
مڃو تون معتبر آهين
مڃو غم خوار آن ڏاڍي
اکين جو ٺار آن سرتي!
مگر حيران آهيان مان
ڪو موقعو ئي نٿي ڏين تون
ته توکي ڪيئن ٿو چاهيان
مان توکي ڪيئن ٿو پايان
اڪيلائيءَ جي موسم ۾
جڏهن ڪوئي نه هوندو آ
جڏهن سايو به منهنجو
ساڻ مونسان
ڪونه هوندو آ
تڏهن آرس ڀڃي هي عڪس
مونسان ساڻ هوندو آ
جيئين ڪو مهربان ماڻهو
واهر ڪري ڪنهنجي
ڪنهن درديلي ماڻهوءَ جو
جيئين ڪو سڏ ورنائي
ائين ئي عڪس هي جانا!
اڪيلائيءَ جي موسم ۾
منهنجو ساٿ ڏيندو آ
سُکَ ڏانهن نيندو آ
ننڊاکا نيڻ ٿيندا هِن
ڄڻ هي جامُ ڏيندو آ
ڳالهه آهي ايتري
ڳالهه ئي سمجهين نٿي !!
 


  • نظم


ڄڻ ڪو راز ٿي وئي آ
منهنجي جذبن جو ليڪن هوءَ
وڏو آواز ٿي وئي
انهيءَ جي لاءِ سوچيان ٿو
انهيءَ جي لاءِ جاڳان ٿو
انهيءَ جي انتظاري آ
انهيءَ جي لاءِ ويٺو هان
مٺو ٻولي ته ڪويل آ
ڦڪو ٻولي خران ٿيندي
مونکي ڪهڙي خبر مونکان
اچانڪ هوءَ جدا ٿيندي
خدارا ٻاجهه ٿي گهرجي
خدارا هن کي پرچايو
اڙي او زندگي منهنجي
اڙي او بندگي منهنجي
تون آهين ته سڀڪجهه آ
ورنه نندگي آهي
هيءَ ڪا زندگي ناهي!
 


  • غزل

چين ۽ نڪو قرار
انتــــــظار،انتـــــظار

زند گي آ مختصر
درد آهن بيشمار

جهٽ جو پيار ڏئي
پوءِ سمجهو هن بار

ساڳي چني، سا ڳو وڳو
دل ائين ڄڻ ڪاروبار

دوست هن ديس ۾
پيار جو ڏاڍو ڏڪار

صاحبي وئي هلي!
هيکلو هاڻي گذار!





ننگي انگ نياڻيون

سرويچ سجاولي

غرقور غمن ۾ ٿو ڏسان قوم پياري؛
قاتل جي وهي ڪنڌ مٿي جنهن جي ڪٽاري؛
ڏاڍن جي ڏسان ڏيهه ۾، هر ڏينهن ڏياري؛
هيڻن جو هتي يار، ٿيو جيئڻ به خواري؛

هت گھرج انهيءَ جي جو هجي سيٺ سگھارو!
مسڪين ۽ مفلس کان ڪري هر ڪو ڪنارو!

مسڪين مٿي آهي، هتي مار مدامي؛
غنين جي ڪري هو ٿو سدا در جي غلامي؛
ته به تنهن کي اُٿي ويٺي چون هو ٿا حرامي؛
حرامي ته وڏا پاڻ سندن پيءُ به حرامي؛

خدمت جو ڪري تنهن سان هي ڪن خر خسارو!
پاپين سان شريفن جو پيو آهي پنارو!

جت تيل بجاءِ ٿو وڃي پاڻي ٻري ڙي؛
جيئڻ به جتي آهي ٿيو ڳالهه ڳري ڙي؛
معصوم لکين لال، ويا مرضن ۾ مري ڙي؛
تن کي نه ڏني ڪنهن به ٺلهي تيل تري ڙي؛

ميلو نه مگر تن کي ڪو آنو به اُڌارو!
سورن ۾ لنگھي تن جو، ويو سانوڻ ۽ سيارو!

مّظلوم نياڻين جو جتي ننگ وڪامي؛
هر رات غريبن جي، ورنهن ۾ وهامي؛
هڪ پل به پيارن تان نٿي آڳ اُجھامي؛
مسڪين جتي ظلم جي آڙاهه ۾ کامي؛

پر پيچ خطرناڪ بنيو وقت پيارو!
هر روز ڏسن نيڻ هي پُر درد نظارو!

هر جاءِ ڏسان جام ”ننگي انگ نياڻيون“؛
وهائن ٿيون، لکين لڙڪ هو نيڻن مان نماڻيون؛
سِرجڻ کان سُڪي سوڪ ٿيون سورن ۾ سياڻيون؛
ڄاڻن نه بنا روڄ، ٻيو راڳ ڪو راڻيون؛

هر مهل ٿئي تن جو ٿو، گوندر ۾ گذارو!
ڇانيل ٿو رهي تن جي، او! اڱڻن تي انڌارو!

سانگين جو ويو سُڪي ساس وطن ۾؛
ڇُڙيا پيا هلن ڇيڪ، ڪي راڪاس وطن ۾؛
ماڻهن جو پٽي کِين، ڪچو ماس وطن ۾؛
هر پَهر اچي پاپ جي، بُو باس وطن ۾؛

هت قهر ستم جو ته ڪنڌي ناهه ڪنارو!
گذري ٿو غريبن جو، هر ڏينهن ڏکارو!

آزاد رهون ڪين ٿا، آزاد وطن ۾؛
ڦرُين جو ٻُڌي ڪونه ڪو، فرياد وطن ۾؛
دانهن جو ٿئي ڪين صفا داد وطن ۾؛
بُکين سان مٺا ڀاءُ! آ بغداد وطن ۾؛

ڇا ڇا نه اسان ساڻ ٿيو ديس ۾ يارو!
هر حق اسان جو ته غضب ٿيو اي پيارو!

هر واٽ مٿي جام، اڄ واسينگ وطن ۾؛
ڍاوا پيا هلن ڍور، جيئن ڪي ڍينگ وطن ۾؛
مسڪين بنا نان جي مرڻينگ وطن ۾؛
تن جي لڱن تي ڪا، ڏسان لينگ وطن ۾؛

معصوم رهن مارو سندن من تي مونجھارو!
ساٿي ڙي اُٿو تن جو ڪريون ڪو ته سڌارو!

مزدور ٿيو چُور کڻي بار پٺن تي؛
انسان کڻي بوجھ کڄي جيڪو اُٺن تي؛
ڇا ڇا نه ڪيو تنهن ته آ ٽڪرن ڙي رُکن تي؛
افسوس ڪيو ترس، نه تنهنجي ڏکن تي؛

هر سال وهي ڏاند جيان هو ٿو ويچارو!
تحقيق هي مزودر آ قومن جو سهارو!

هاري جنهن هڻي هر ڪيون آباد زمينون؛
هر اوڙ اندر جنهن جو پيل خون پسينون؛
ته به پيٽ بُکيو تنهن جو آ منجھ سير سفينونن؛
ڏس خون انهيءَ جي تي ڪري عيش ڪمينون؛

هيڻن جو ڪري ڪئين نه هڙون هڙپ هچارو!
مظلوم سندي مال تي ٿيو سيٺ سگھارو!

ڪوڏر به صبح شام هڻي، ڪو ته خبر پئي؛
ڏلها به مٺي سِر تي کڻي، ڪو ته خبر پئي؛
سارين کي منجھان تار لڻي، ڪو ته خبر پئي؛
راتيون بکيئي پيٽ تَڻي، ڪو ته خبر پئي؛

رڳو گڏ گنجيءَ ۾ ته ڪري ڪير گذارو!
ڪاٽي ڪو سڄي رات بنا سوڙ سيارو!

پوکي ۽ وري تن کي، پچائي ته سهي ڪو؛
سرديءَ ۾ هلر رات جو، ڳاهي ته سهي ڪو؛
مزدور بنا محل هي، ٺاهي ته سهي ڪو؛
ريتيءَ جون تغاريون به، اُٺائي ته سهي ڪو؛

گوڏي کان وڏيءَ گپ ۾، ماري ته ڪو گارو!
۽ پوءِ به وڃي کائي رُکو ڪڻڪ جو ڏارو!

بنجر هي زمينون به، ڪو کيڙي ته خبر پئي؛
هر سنگ جدا تنهن کي، سهيڙي ته خبر پئي؛
انبار اَنن جا به ڪو، ميڙي ته خبر پئي؛
رستن تي پٿر سخت، پکيڙي ته خبر پئي؛

کُورا به جلائي ڪو، صبح شام ٻپهارو!
ڏامر جو لڳاتار، ڪري ڪو ته پگھارو!

ان کان به ڏسان پوءِ، ٿو ڏوٿين کي ڏکيو ڙي؛
بت صاف اُگھاڙو ۽ سندن پيٽ بکيو ڙي؛
سانگين جا پسيو سور، وڃي ساهه سُڪيو ڙي؛
ديسين کي ڏسيو منهنجي وڃي دل ته دکيو ڙي؛

پوءِ ڇونه بغاوت جو، وڄايان مان نغارو!
هن قهر ڪنان ڇونه ڪريان ويس مان ڪارو!

هر وقت وطن ۾ ته وڏا ويل ڏسان ٿو؛
سچ جيڪو چوي تنهن کي ئي منجھ جيل ڏسان ٿو؛
سيني ۾ لڳل تنهنجي سوين سيل ڏسان ٿو؛
هر روز مٺا ڀاءُ عجب، کيل ڏسان ٿو؛

دنيا جو ويو آهي ٿي دستور نيارو!
هڪ عيش ڪري ٻئي جو غمن منجھ گذارو!

رهزن ٿا هتي روز، ڪن ناپاڪ ارادا؛
هيڻن کي لُٽڻ جا ته غضبناڪ ارادا؛
شيطان پيا ڪن ته شرمناڪ ارادا؛
شل پاڪ خدا تن جا ڪري خاڪ ارادا؛

ويرين کي وڍڻ لاءِ ڪريون يار ڪو وارو!
ڍڳ ڌوڙ سندا تن جون وجھون منهن ۾ پيارو!

هن اوچ ۽ نيچ ڇڏيا ويل وهائي؛
هڪ کي نه جھڳي آهي، ٻيو ست ماڙ اَڏائي؛
هڪ کي نه لڀي ليڙ، ٻيو پَٽ پيو پائي؛
هڪ روز بخارن ۾، ٻيو عيش اُ_ڏائي؛

”سرويچ“ ڀلا ملڪ ۾ هي ڪهڙو انڌارو!
کسجي ٿو غريبن کان، جيئڻ جو ڇو سهارو!

 



چئوسٽا

اظهر هيسباڻي

 

جا باهه ٻري آ سا وسائڻ گهرجي
هي ديس اسانجوآ بچائڻ گهرجي
پڳ ٽوپي ٫۽ اجرڪ جو ڀرم رکڻوآ
هي لاک جي لوئي نه لڄائڻ گهرجي.

 
 
 
 

سر ساهه به سنڌڙي٫ٌ٫ء تان ڪنداسين صدقي
سنڌڙيء جو مٿي مان ڪري وينداسي
دشمن کي ڏئي مات مڃائي اظهر
۽ پنهنجو بلند شان ڪري وينداسي.

 
 
 
 

اڄ بهارن ۾ خزائون ٿو ڏسان
گلستان جي آبرو لٽجي پئي
باغبان ڄڻ، باغبان آهي ئي ڪونه
گل جي عظمت روبرو لٽجي پئي.

 
 
 
 

دوستن جي دوستي ماري پئي
دشمنن جي دشمني ماري پئي
ڪهڙو ڪنهن تي ڀروسواظهرڪجي
رهبرن جي رهزني ماري پئي.

 
 
 
 

اسان توکي پنهنجو بڻائي ڇڏيوسين
وري درد دل جو وڌائي ڇڏيوسين
ڪري ياد توکي صبح شام اظهر
زماني کي تولئه ڀلائي ڇڏيوسين.

 
 
 
 

تنهنجو رخ مٽيل ڏٺم
بس تڏهن اچڻ ڇڏيم
پيار جا مون گل ڏنا
دل تي تو ڏنا زخم.

 
 
 
 

سر تي سارا سور سهائي ويٺاسين
دردن کي به دوست بنائي ويٺاسين
توکي ڳولي ڳولي اظهر هڪڙي ڏينهن
آخر پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺاسين

 
 

 


اي سِنڌُ ڄائي!

محمد ابراهيم جويو

 

اي سنڌ ڄائي!

هجيئي سڀ سڻائي،

ڪڏهن واءُ ڪوسو نه توکي لڳي

ڪڏهن وقت اوکو نه توتي اچي.

ٻين کي تون پڻ پياري هوندينءَ

تن لئه ميگهه ملهاري هوندينءَ،

پر تنهنجيءَ اُڃَ ۽ اُلڪي کي

جيئن هيءَ ڌرتي ڄاڻي

ٻيو ڪو ڪيئن ڄاڻي!؟

پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ کي پياري آهين،

جنهن توکي پنهنجو رَتُ ستُ ڏنو آهي

اها تنهنجيءَ هر سوڀ ،هر ڪاميابيءَ تي

خوش ٿيندي ۽ کلندي آهي.

۽ جڏهن جڏهن به تون

ڪنهن ڏک جي ڏاگهه تي چڙهڻ لڳندي آهين،

ته هن جي مامتا تڙپي اٿندي آهي،

۽ تنهنجي ڇوٽڪاري ۽ خوشيءَ لاءِ

دعائون گهرندي آهي.

تو جڏهن جڏهن به ڪا سَهوَ ڪا غلطي

ڪئي آهي، ته هوءَ

اهو سوچي توکي بخشيندي آهي، ته تون ان جو

تدارڪ ڪندينءَ

(ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجيءَ ٿڃ تي شڪ نٿي ڪري سگهي.)

اي سنڌ ڄائي!

جُڳ جُڳ جُڙي رهين،

اڄ تون شهرتن جي بلندين تي آهين،

ڏيهه پرڏيهه تنهنجي ناماچاري آهي.

تون جتي به وڃين ٿي،

عزتون ۽ آجياڻا تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن

۽ محبتون تولاءِ منتظر آهن،

لوڪَ توکي چاهين ٿا،

چاهين ئي نه پر دل جان نڇاور ڪن ٿا.

عزتن ۽ شهرتن جي هن مقام لاءِ،

توکي گهڻيون گهڻيون واڌايون هجن.

تنهنجي جيجل سنڌ کي توتي فخر آهي.

پر ڇا تو ڪڏهن سوچيو آهي ته تنهنجي

جيجل جا،

مٺيءَ ماءُ جا،

ڏک سور ڪهڙا آهن؟

۽ ان جو اولاد ڪهڙن اهنجن ۾ ورتل آهي؟

ڇا تون ڄاڻڻ چاهيندينءَ؟

ها ته پوءِ ٻڌ!

ڪي ساٺيڪو سال اڳي

تنهنجي ماتر ڀومي

۽ ڀونءَ واسي

شامل ٿيا هئا،

مذهب جي نالي ۾ ٺهندڙ

”پاڪ آستان“ ۾.

پر ڪجهه واعدن سان

۽ ڪجهه شرطن سان ته:

تنهنجي ڌرتي

۽ ڌرتي واسي

ان ۾ هوندا آزاد،

ان ۾ هوندا بااختيار،

سڀ ساريون خوشيون ماڻي سگهندا.

جيون ڇڄ مان

درد سمورا ڇاڻي سگهندا،

ماڻي سگهندا

سارا سک ۽ سڀ آنند

تن لاءِ هوندي

رت بسنت هر ڪا مُند.

پر تن سان دوکو ٿيو،

هيءُ سودو تن لئه اوکو  ٿيو.

شروع ۾،

سنڌ مان سنڌين کي تڙيو ويو

ڇو ته اهي هندو هئا!

مذهب جي نالي سان

هن قوم کي ٻه ڀاڱا ڪيو ويو،

جيڪا اڳي

ساٿ سٻنڌ سان،

سک امن سان،

صدين کان گڏ

رهندي پئي آئي،

گيت محبت،

سنگ صحبت جا چوندي پئي آئي.

تن ۾ ڪو مت ڀيد نه هو،

تن جي قومي جيون ۾ ڪو ڇيد نه هو.

جڏهن  و رهاڱي جا  ٿيا سانباها

تڏهن به ڪنهن کي ڪَل نه هئي

ته ڪو،

سرحدن سان گڏ،

قومون به ورهايون وينديون،

۽ ماڻهن جي مٽا سٽا به ڪئي ويندي.

مذهب جي نالي ۾،

هر سرحد کان ايندڙ

لاڏائو قافلن کي

سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ويو.

تن لاڏائو ٽولن کي

ٻيا به رهائي سگهيا ٿي،

پر،

جتي ڪٿي تن کي اهو چيو ويو:

”پاڪستان اڀي آگي هي!

 ائين سڀ ننڍي کنڊ جا تڙيل ٽولا

سنڌ ۾ آيا.

شروع شروع ۾،

مسلمانيءَ جي جذبي ۾،

اسان به تن کي قبول ڪيو،

انصار مهاجر واري روايت پاريسين،

۽ ڌارين سان

پنهنجي ڌرتي

پنهنجون ملڪيتون

گذر سفر جا سڀ وسيلا ۽ محبتون

ورهايونسين.

 

اي سنڌ ڄائي!

او بختاور!

پر

 ڌاريا، ڌاريا ثابت ٿيا.

جيڪي تنهنجي ديس ۾ آيا،

مک شهرن تي قابض ٿيا،

۽ جن ڀائرن تنهنجي ديس واسين

تن جي آجيان ڪئي

تن جي مرحبا ڪئي

اهي کانئن نفرت ڪرڻ لڳا.

چي: ڄٽ آهن

هنن جي تهذيب گڏهن، گهوڙن واري آهي.

ايترو ئي نه پر

تن جي رکوالن ۽ محافظن،

ڏاڍ ڏمر جي پوئلڳن،

اُهي ئي

جن اسان سان وچن ڪيا هئا ته

نئينءَ ٺهندڙ رياست ۾

اسين هونداسين آزاد،

اسين هونداسين بااختيار،

تن، سوچيل سمجهيل سازش سان،

ڌارين کي مضبوط ڪيو.

۽ اسان ڏٺو ته اسان جي تنهنجي

ٻاٻاڻي ٻوليءَ سان وير پاڙيو ويو

۽ ان کي اسان جي شهرن مان،

نيڪالي ڏني ويئي،

ضرب ڪاري هنئين ويئي،

ٻار اسان جا

پنهنجيءَ ماءُ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾

پڙهڻ کان محروم ڪيا ويا،

لکڻ کان محروم ڪيا ويا.

 

اي سنڌ ڄائي!

اُن وِهُه پيئڻ جو،

ذائقو اڃا به تازو هو ته

اسان کي چيو ويو ته اسين

هاڻي”سنڌ“ اچارڻ ڇڏي ڏيون،

ان جي نانوَ جو

ڏيئو ٻارڻ ڇڏي ڏيون.

حڪم ٿيو ته

”سنڌ“ ماضيءَ جو ”حصو“ آهي،

ڪوئي پراڻو”قصو“ آهي.

هُنن کان وسري ويو ته

پاڻ ئي وچن ڪيو هئائون ته:

سنڌُ، پاڪ آستان ۾،

رهندي آزاد،

سنڌ واسي هوندا بااختيار،

۽ چيائون:

هاڻي هيءُ منصوبو رهندو،

 بس هڪڙو ئي صوبو هوندو،

ٻئي پاسي بنگالي آهن

تن کي مهاڏو ڏيڻو آهي،

اڪثريت ۾ رهڻ وارو

حق انهن کان کسڻو آهي.

پر اسان تنهنجي ديس واسين

ان رٿا کي ڪو نه قبوليو

جنهن اسان کان

صدين جي ٿي کسي سڃاڻپ،

اسان نه وساريو سنڌ جو نانءُ

پئي اچاريو سنڌ جو نانءُ.

پوءِ بديءَ جون سڀ انڌيون طاقتون

مڇرجي،

اُلرجي،

ظلم ۽ ڪروڌ جي روايتي انداز سان

گِگ وهائڻ لڳيون.

اسان کي جيلن ۾ وڌائون

جان وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنائون

اسان جي شعرن تي،

ڪهاڻين تي،

افسانن تي،

۽ ٻين ليکن تي،

زنجير وڌائون،

۽ فرمايائون ته

”سنڌ“ ”سنڌ“ ڪرڻ ڇڏي ڏيو!

ان ڪري ئي اياز چيو:

”سنڌڙي! تنهنجو نانءُ وتو

ڪاريهر تي پير پيو.“

پر اسان ته او سنڌ ڄائي،

شاهه لطيف کي ساريو پئي:

”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري

حيف تنين کي هوءَ، وطن جن وساريو.“

هيئن به آهي اسان ۾ ڪيئي

هئا اڻاسي،

جن

ايوانن ۾ ”هڪ صوبي“ جي حق ۾

ووٽ ڏنو

۽ ڌرتيءَ جي ڦٽڪار کنئي،

تاريخ جي رسوائي،

پاڻ ئي پنهنجي نانءِ لکي.

تن غدارن کي

تنهنجي ديس واسين

اڃا به ڏني ناهي معافي

ڇو ته انهن جي

ڏوهه جي ناهي ڪا به تلافي.

ون يونٽ هڪ ڊوهه هئو،

جو واريءَ جي ڪوٽ جيان

پٽ پيو.

پاڻ ٿياسون سوڀارا

پنهنجا وارا ٿي پيا نيارا.

پر ڳالهه اتي به ڪيو نه ڇيهه،

هي جيڪي ننڍي کنڊ جا ٽولا

هت آيا هئا،

تن هڪ لشڪري ٻوليءَ جو راڳ آلاپيو،

جنهن سان پنهنجو

سڱ سياپو ڪو نه هو،

ڪوئي ناتو ڪو نه هو،

چيائون ته سنڌ ۾ اها ئي ٻولي رهندي!

اسان چيو ته

ائين نه ٿيندو

”سنڌي ٻولي زنده باد

ان ۾ جيڪا جيجل ڏني،

سا ئي لولي زنده آباد“

اسان چيو ته

ٻولي ٻي نه قبول ڪنداسين،

پڙهنداسون سڀ ڪتاب، سنڌيءَ ۾،

ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾،

سنگ ميل، سائن بورڊ

قومي شناختي ڪارڊ

هر ڪا لکت گهرجي سنڌيءَ ۾.

ان تي ڌارين شور فساد ڪيو.

چي: ”اردو ڪا جنازه هي

ذرا ڌوم سي نڪلي.“

اسان هنن کي سڀ ڏنو،

پر،

پوءِ به اسان جي ٻوليءَ کي

هو ته مڃڻ لئه تيار نه ٿيا!

تن کاڌو پئي سنڌ جو

۽ پيتو پئي جر سنڌوءَ جو.

پوءِ به انهن جي فطرت ۾ ڪو ازلي ڦيرو هو،

سندن ذهنن تي غلطانن جو گهيرو هو.

سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪا نه بڻي،

پر

سنڌ اندر به صوبي ۾ لشڪري ٻوليءَ کي

ان سان ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويو.

سچ، ڪاپاري وار ڪيو ويو.

 

او سنڌ ڄائي!

توکي تنهنجي ديس جا

ڪهڙا ويهي سور ڳڻايان،

پنهنجن جا ۽ ڌارين جا

ڇا ڇا هت پرڪار پڙهايان.

هيءَ سنڌو،

جنهن جي امر ڌارا جا

پاڻ صدين کان ساکي آهيون،

جر پيئون ٿا

۽ جيئون ٿا،

ان جا ڳڻ ڳايون ٿا،

ان جا ٿورا لاهيون، ناممڪن!

ان جي ڀال ڀلاين کي،

جي ساراهيون ناممڪن،

درياهه شاهه

ڳهيلو بادشاهه،

اباسين، هيءُ سنگهي ڪَبَبُ،

هيءُ مهراڻ

آهي اسان جي جند

اسان جي جان،

 اسان جو ساهه پساهه.

سارو ئي اتهاس چوي ٿو

پاڻ انهيءَ جا وارث آهيون،

مالڪ آهيون

پر

اسان کان درياهه شاهه

ڄڻ ته کسيو ويو آهي

۽ هن شينهن کي جڪڙيو ويو آهي.

هي جي پاڻيءَ جا واپاري،

تن پنهنجا درياهه وڪيا،

”پنجن درياهن جي ڌرتي“

هاڻ ته دوآبي آهي،

پوءِ به سڏجي پنج درياهي

ڇو ته سنڌو وٽن ئي آهي،

جيڪو پنج درياهن برابر آهي

“(اڃا به ست درياهن برابر آهي.

ان جو هڪڙو نانءُ

سپت سنڌو ست درياهي به آهي)

ڪلهه ٻارهوئي،

درياهه وهيو پئي

ڄڻ ته سنڌين ۾ ساهه وهيو پئي،

پر اڄ ڪيڏو تانگهو آهي،

هئه هئه وقت اڻانگو آهي.

پنجن درياهن وارن،

سنڌو طاس ٺاهه ڪيو،

پر سنڌ وارن کان ڪو نه پڇيو

پاڻ صلاحُو ٿي چورن وانگي

تن ٺڳيءَ جو ٺاهه ڪيو،

پوءِ ٻڌائون بند سنڌوءَ تي،

واهه ڪڍيائون،

پنهنجي ڌرتي سرسبز ڪيائون.

ڦڙي ڦڙيءَ لئه پاڻ سڪياسين،

زمينون زرخيزي ڇڏي ويون،

مال متاع  نه جالي سگهيو،

پکي پکڻ کان سنڌ جو،

نيل گگن خالي ٿيو.

۽ ماڻهو حال کان بيحال ٿيا،

سُکي ڌرتي ڏکي بنجي ويئي.

پر هو اڃا به چون ٿا،

ڪالاباغ ڊيم گهرجي.

عجب!

افسوس!

امداد حسينيءَ سچ چيو آهي:

”پنهنجا دريا وڪڻي هاڻي

 سنڌوءَ تي لامارا آهن،

ڪالاباغ اڏڻ وارن جا

اندر ڪيڏا ڪارا آهن.“

هائو هاڻ اسين سنڌوءَ تي،

ڪو به ڊئم نٿا چاهيون،

سنڌوءَ کي وڌيڪ ڪو به ٽُڪو ڏيڻ

اسين سنڌي قوم جي شهه رڳ

وڍڻ برابر سمجهنداسين.

 

سو اي سنڌ جي راڻي!

ساري آ هيءَ رام ڪهاڻي،

هي سنڌي ماڻهو

تنهنجا ماڻهو،

تنهنجا ديس واسي

سڀ وڃائي ويٺا آهن،

پنهنجا مک شهر،

درياهه،

زرخيز زمينون،

سڀ وسيلا،

۽ ڌاريا هت پلجن ٿا لکن ۾،

پنهنجين ڌرتين هوندي ڀي،

ڄورن وانگي سنڌ کي چنبڙيا پيا آهن.

ڇا سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو آهي!

۽ ٻئي پاسي،

سنڌي سارا،

وطن ۾ بي وطن آهن،

تن جون وسنديون روز ڊهن ٿيون،

تن کي روز چتاءُ ملي  ٿو،

وسندي خالي ڪريو!

ڪالهه جنين کي اسان ڏنيون هيون

جيءَ ۾ جايون،

سي اڄ اسان کي پنهنجيءَ

ڌرتيءَ تي،

ڪا به جاءِ ڪين ڏين ٿا

هيئن چون  ٿا،

پاڻ هتي غير قانوني ويٺا آهيون؟

سٺ سالن ۾ هڪ

سکي ستابي،

کلندي ٽڙندي،

قوم تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي

اچي لڳي آهي،

تن کي ڪو به اجهو نه امان آهي،

هاءِ ارمان آهي.

تاريخ ڪيتري نه ظالم آهي

جو بڻ بڻياد کان اوپرا،

پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ کان

وانجهيل ٽولا،

اڄ اسان تي حڪومت ڪرڻ جا خواب ٿا ڏسن

۽ افسوس هيءُ به آهي ته اسان تي

اڄ ڏينهن تائين”ڪانوَ“ ۽ ”ڪانئر“ ئي

حڪمران بڻائي مڙهيا ٿا وڃن:

”اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن.“

اٺ ورهيه بي وطنيءَ جا گهاري

تون جا ڏيهه وريئنءَ

سڀ جي ساهه سريئنءَ،

تنهنجا ڏيهه واسي

لکها لک اچي مڙيا توتي،

پتنگن وانگي

کڙيا توتي چنڊ جيان،

ڇا ته سمو هو منڊ جيان!

اونداهيءَ جي رکوالن سو ڪِين سٺو

هاءِ ڪراچيءَ ۾،

ڪيڏا جسم هوا ۾ وکري پَٽ پيا،

۽ سنڌين جي رت جو ٻيهر مينهن وُٺو.

 

او سنڌ ڄائي!

تون ڄاڻين ٿي

هيءَ دهشت ڦهلائڻ وارا ڪير هئا،

هي ته اهي ئي غير هئا،

جن وير اسان سان پي پاڙيو آهي.

اڃا ته ڪلهه جي ڳالهه لڳي  ٿي،

انهن ئي تنهنجي بابا کي ڦاهيءَ چاڙهيو

۽ تنهنجي موڀي ۽ جوڌي ڀاءُ کي

رستي ۾ بيهاري ماريو.

ڇا پوءِ به اياڻي رهندينءَ،

يا سڀ ڪجهه سمجهي

پاڻ تي  هيئن ماٺ مڙهيندينءَ،

تون ته سڀن جي ڳالهه ڪرين  ٿي،

ايءُ پڻ چڱو ڪم.

پر،

هيءُ نه وسار

تنهنجي بابا پڻ اهو رستو ورتو هو،

هن به سڀن کي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش

ڪئي،

هن سان ڇا  ٿيو؟ تون ڄاڻين ٿي،

هاڻ اهي ئي تنهنجي رت جا پياسا آهن،

ان موقعي تي هڪڙو ڀيرو،

پنهنجي سوچ سنواري ڏس،

ڏس پنهنجي ڌرتيءَ ڏي،

پنهنجن ماڻهن ڏي،

پنهنجي تهذيب،

پنهنجي ٻولي،

پنهنجن ريتن روايتن ڏي

۽ تن مڙني ڏکن ڏاکڙن ڏي،

جن جو ڪل وچور ڏنو ويو.

رڳو”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ ته ڪافي ناهن.

اسان کي ورائڻا آهن

۽ ڪيئن به واپس وٺڻا آهن

پنهنجي جيئڻ جا سڀ وسيلا

زمينون،

درياهه،

۽ سڀ سياسي، معاشي

سماجي ۽ ثقافتي حق،

اسان کي گهرجي آجپو ۽ برابري ۽ ڀائيچارو.

اسان کي گهرجي عزت، خوشحالي ۽ امن،

ته جيئن اسين

ماضيءَ واريءَ سنڌ جي نقشي تي

تعمير ڪري سگهون هڪ نئين سنڌ،

اها سنڌ جيڪا اسان جي سپنن ۾ آهي

خواهشن ۽ امنگن ۾ آهي.

دل تي هٿ رکي ٻڌاءِ،

سنڌي ماڻهن کان وڌ

توکي ڇا ڪو چاهي ٿو؟

ڇا تن جئن توتان ٻيو ڪوئي

گهوران گهور وڃي ٿو.

هي سنڌ ڄاوا

۽ سنڌ ڄايون

توسان ڪيڏو ريڌل آهن

پرتل آهن!

تون ته انهن کي جذبي سان

اهڙي ئي ڪا موٽ ته ڏي!

هر ڀيري هيئن چوٽ نه ڏي!

اسان ته پنهنجن جا لاش ڪلهن تي

ڍوئي ڍوئي ٿڪا آهيون،

ڪيسين ڪانڌيءَ وارو ڪردار اسان جي

حصي هوندو.

هي سورهيه جن جان ڏني،

ڇا تن جو رت ايئن ئي وئرٿ ويندو رهندو؟

جي تون تن کي مانُ ڏيڻ گهرين ته پوءِ

پنهنجي ديس واسين جي پاسي ٿي بيهه.

واءِ افسوس! نه ته تون اڳتي ڏسندينءَ

تو وٽ ڪائي واٽ نه هوندي.

هاڻ جڏهن تون نئين سفر تي اسهين پئي،

تڏهن توکي ياد هجي.

تنهنجي سڀ کان پهرين ترجيح هوندي

سنڌ، جا تنهنجي جيجل آهي،

۽ سنڌي ماڻهو جيڪي تنهنجا

مِٽَ حقيقي آهن

۽ تنهنجي مقصد جي ماٿي جا

چٽ حقيقي آهن.

اها ترجيح ئي سڀ کان وڏي حقيقت آهي

سڀ کان وڏي عظمت ۽ عزت آهي

۽ سڀ کان اعليٰ شهرت آهي.

ڌاريا ۽ پراوا ماڻهو

ڪڏهن به تنهنجي ڪم نه ايندا،

توکي تنهنجن ماڻهن کي اوجهڙ منجهه گڏيندا.

تن جي سهاري لئه واجهائڻ هاڻ ڇڏي ڏي.

 

او سنڌ ڄائي!

پنهنجن تي ڪر ويساهه،

پنهنجي ڌرتيءَ ماتا ڏي ڏس،

جيڪا اهنجن ورتي آهي

ڪڏهن نه سک سان پرتي آهي

اها ته تولئه دم دم واجهائي ويٺي،

تو ۾ آس لڳائي ويٺي.

ڀُليو رُليو ناهي هوندو،

جي ڀلجڻ مان تون واٽ سنئين ڪڍين

ڪا بات نئين ڪڍين.

آءُ سنڌ جو سچ قبول

۽ هيءُ مچ قبول

جيڪو ازلان ٻري رهيو آ!

تاريخ ۾ ڪيئي آنڌيون آيون

آنڌيون ويئون

پر اهو ڪڏهن ڪو نه ٺريو آ.

آءُ انهيءَ سچ جي ساک کڻي

تون به چئي ڏي:

”جيئي سنڌ

”جيئي سنڌ

”جامِ محبت پيئي سنڌ!